خانبهادر عظيم خان دراني

خانبهادر عظيم خان دراني: خانبهادر عظيم خان جو والد عنايت علي خان، دراني پٺاڻن مان هو، سندس ڏاڏي جو نالو به عظيم خان هو. ميان عنايت خان پوليس جي نوڪريءَ سبب سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هو جڏهن ماتليءَ ۾ سب انسپيڪٽر هو ته هالا جي مختيارڪار ميان عبدالواحد سان سندس دوستي ٿي، جيڪا عزازت ۾ بدلجي وئي. ميان عنايت خان، قاضي عبدالواحد کي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو ۽ ائين سندس رهائش به هالن پراڻن ۾ ٿي. کيس پٽ ميان عظيم خان 1882ع ڌاري هوسڙي ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. ميان عظيم خان سنڌي پڙهي، انگريزي پڙهڻ ويٺو، مئٽرڪ تائين تعليم پرائي، روينيو کاتي ۾ پهرين آڪٽوبر 1900ع تي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. 1914ع ۾ مختيارڪار ٿيو. ان کان پوءِ کيس بمبئي ۾ 1917ع ۾ ڪوآپريٽو ٽريننگ لاءِ گهرايو ويو، جتي ٽريننگ ڏيڻ کانپوءِ، 1918ع ۾ کيس ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جو اسسٽنٽ رجسٽرار ڪري سنڌ ۾ رکيو ويو. 1921ع ۾ کيس سٺي ڪارڪردگيءَ تي سرڪار طرفان خانصاحبيءَ جو لقب مليو، 1923ع ۾ کيس خانبهادريءَ جو لقب مليو. انهيءَ کان پوءِ کيس سوسائيٽي جو ڊپٽي رجسٽرار ڪيو ويو، ان عهدي تي 21 مئي 1930ع تائين رهيو، پوءِ 1934ع ۾ وري روينيو کاتي ۾ ميرپورخاص جو ڪليڪٽر مقرر ٿيو، ان کان پوءِ مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيشن ٿي رهيو، ڪجهه وقت سرڪار طرفان بمبئي ڪائونسل تي نامزد ميمبر به ٿي رهيو. نيٺ 1937ع ۾ پينشن تي لٿو، پر سرڪار کيس وري ڳوٺ سڌار هلچل جي پروپگينڊا لاءِ 1938ع ۾ عملدار ڪري مقرر ڪيو، جنهن ڪم جي سلسلي ۾ سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ميان شورا ۾ گشت ڪندي دل بيهڻ سبب 19 ڊسمبر 1938ع تي وفات ڪيائين.
خانبهادر عظيم خان بابت جي. ايم. سيدجن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: ”هي عوام جوخادم، ملڪ جو خيرخواه، مدبر، دوستيءَ جو سچو، مهل سر ڪم ايندڙ ۽ ملڪ جي اڪثر ڀلي وارن ڪمن ۾ اندروني مدد ڪندو هو. پنهنجي دور جي اڪثر سياستدانن سان هن جا تعلقات هئا. ڪو ڪانگريسي هو يا مسلم ليگي، شهري هو يا ٻاهر وارو، هر هڪ جي واتان سندس تعريف ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. هي سنڌ جي بمبئيءَ جدائيءَ واري تحريڪ دوران مسلمانن جي آدمشماريءَ کي پوري لکائڻ جي ڪوشش، مسلمانن جي انگريزي اخبار جاري ڪرڻ جي تجويز، ڳوٺ سڌار تحريڪ ۽ ٻين مختلف ڪمن ۾ گهڻو سرگرم رهيو. سنڌ جي اڪثر ڪامورن ۽ زميندارن سان سٺا تعلقات هئڻ سبب انهن جي ذريعي، ماڻهن جا اڪيچار ڪم ڪرائيندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.10.01  عيسوي

روينيو کاتي ۾ پهرين آڪٽوبر 1900ع تي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. 1914ع ۾ مختيارڪار ٿيو.


1930.05.21  عيسوي

1921ع ۾ کيس سٺي ڪارڪردگيءَ تي سرڪار طرفان خانصاحبيءَ جو لقب مليو، 1923ع ۾ کيس خانبهادريءَ جو لقب مليو. انهيءَ کان پوءِ کيس سوسائيٽي جو ڊپٽي رجسٽرار ڪيو ويو، ان عهدي تي 21 مئي 1930ع تائين رهيو،


1938.12.19  عيسوي

خانبهادر عظيم خان دراني دل بيهڻ سبب 19 ڊسمبر 1938ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اجمل ساوند ڊاڪٽر
شاهه بلاول نوراني
حاتم طائي
ايشور ڀارتي
ڀوڄراج جهمٽ مل موٽواڻي2
شهاب الدين حڪيم
مير نور محمد خان ٽالپراول
پوپ گريگوري
آخوند حاجي دين محمد
در محمد اوستو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون